ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌيءَ جي ورسٽائل اداڪار فريد نواز بلوچ جي وڇوڙي 23 ورهيه وهامي ويا، فريد نواز بلوچ مشهور ڊرامن جھڙوڪ ديوارين، جنگل، هوائين ۽ ناٽڪ رنگ سميت سئو کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ يادگار ڪردار نڀايا، سنجيدا ۽ مزاحيه ڪردار ادا ڪرڻ ۾ فريد نواز بلوچ کي مهارت حاصل هئي، سندس لازوال ڪردار مداح اڄ به وساري نه سگهيا آهن، 9 سيپٽمبر 1946ع تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ فريد نواز بلوچ 15 ڊسمبر 2001ع ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 56 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.