تازہ ترین

شام مان پاڪستانين جي ڪامياب ڏيهه واپسي، وزيراعظم جي لاڳاپيل عملدارن کي ڀيٽا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف پاڪستاني شهرين جي شام مان حفاظت سان واپسيءَ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري طور ڪارروائيءَ تي لاڳاپيل عملدارن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. وزيراعظم پاڪستاني شهرين جي واپسيءَ جي لاءِ کنيل قدمن جي ذاتي طور نگراني ڪئي. شام کان پاڪستانين جي بحفاظت واپسيءَ لاءِ لبناني وزيراعظم نجيب ميقاتي جا به ٿورا مڃيا جنهن جي حڪومت بيروت رستي پاڪستانين جي واپسيءَ لاءِ هر امڪاني سهڪار ۽ مدد فراهم ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شام مان وڌيڪ پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستاني شهرين جي شام مان بحفاظت وطن واپسي پاڪستان حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آهي. حڪومت پنهنجي شهرين جي حفاظت ۽ بهبود جي لاءِ پرعزم آهي ۽ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي رهندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.