راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ شاهد پيش ڪرڻ کان پوئتي هٽي ويو، اڍيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ باني عدالت ۾ جمع ڪرايل 342 جي بيان ۾ ترميم ڪرائي ڇڏي، عدالت طرفان ڌرين کي قطعي دليل ڏيڻ جي لاءِ 17 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.