اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ فوجي عدالتن کي جوابدارن جي ڪيسن جا فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ملٽري ڪورٽس جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپلين تي ٻڌڻي ڪئي، جتي دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏنا. ٻڌڻيءَ جي شروعات ۾ جسٽس جمال الدين مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ان نقطي تي دليل ڏيو ته آرمي ائڪٽ جا ڪالعدم قلم آئين موجب آهن، ڇا آرمي ائڪٽ ۾ ترميم ڪري هر فرد کي ان جي آڙ ۾ آڻي سگھجي ٿو؟ ان رخ کي به نظر ۾ رکو ته آرمي ائڪٽ 1973ع جي آئين کان پهريان ٺهيو هو. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته پهريان ٻڌايو ته عدالتي فيصلي ۾ قلم ڪالعدم ڪرڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ خاميون آهن. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪالهه به چيو هو ته 9 مئي جي واقعن جا تفصيل فراهم ڪيو، في الحال ته اسان جي سامهون معاملو صرف ڪور ڪمانڊر هائوس جو آهي، جي ڪيس صرف ڪور ڪمانڊر هائوس تائين ئي رکڻو آهي ته اهو به آگاهه ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سمورا تفصيل اڄ صبح ئي ملي ويا آهن، تفصيل متفرق درخواست جي صورت ۾ جمع ڪرائيندس. آئيني بئنچ ۾ شامل جسٽس مسرت جلاليءَ سوال ڪيو ته جن قلمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي انهن جي تحت ٿيندڙ ٽرائل جو ڇا ٿيندو؟ 9 مئي کان اڳ به ته ڪنهن کي انهن قلمن جي تحت سزا ٿي هوندي؟ دفاع واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته عام طور ڪالعدم ٿيڻ کان پهريان لاڳاپيل قلمن تي ٿيل فيصلن کي تحفظ مليل هوندو آهي، ان تي جسٽس مسرت رمارڪس ڏيندي چيو ته ”هي ته انهن جوابدارن سان ساڙ رکڻ واري ڳالهه ٿيندي.“ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پاڪستاني فوج ۾ ڪو شخص زبردستي نه پر پنهنجي مرضيءَ سان ويندو آهي، فوج ۾ شامل ٿيندڙ کي اها خبر هوندي آهي ته مٿس آرمي ائڪٽ لاڳو ٿيندو ۽ آرمي ائڪٽ جي تحت بنيادي حق مليل ناهن هوندا، آرمي ائڪٽ جوڙيو ئي فوج جي ملازمت جي قائدن ۽ ڊسيپلين جي لاءِ آهي. ان تي وڪيل خواجه حارث چيو ته فوج ۾ ڪو به ڏوهه جي نيت سان ناهي ويندو، بنيادي حق ڏوهه ڪرڻ تي ئي ختم ٿي ويندا آهن. جسٽس مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته اپيل ۾ سپريم ڪورٽ صرف اپيل ڪندڙ جي استدعا تائين محدود رهندي؟ ڇا عدالت فيصلي جي ٻين رخن جو به جائزو وٺي سگھي ٿي؟ جڏهن ته جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته ڌريون پنهنجن معروضن تائين محدود رهي سگھيون ٿيون پر عدالت نه. ٻڌڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي آئيني بئنچ ڪيس ۾ اڄوڪي ٻڌڻيءَ جو آرڊر جاري ڪندي فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن جا فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. آئيني بئنچ چيو ته فوجي عدالتن جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ التويٰ هيٺ ڪيسن جي فيصلن سان مشروط هوندا، جن جوابدارن کي سزائن ۾ رعايت ملي سگھي ٿي انهن کي اها ڏئي آزاد ڪيو وڃي، جن جوابدارن کي آزاد نٿو ڪري سگھجي ته انهن کي سزا ٻڌائڻ تي جيلن ۾ منتقل ڪيو وڃي. عدالت ملٽري ڪورٽس ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.