اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائيءَ واري وزير اويس احمد خان لغاريءَ چيو آهي ته پاڪستان تاجڪستان سان پنهنجي موجوده دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان تاڪستان گڏيل ڪميشن جي ستين اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ گڏيل فائدي لاءِ نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو وڃي، اويس لغاري ان اعتماد جو اطهار ڪيو ته هن اجلاس ۾ ٿيندڙ غور فڪر جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ سفارشن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، زراعت، تعليم ۽ صنعتي شعبن ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. علائقائي رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪندي اويس لغاريءَ جو چوڻ هو ته پاڪستان، تاجڪستان کي اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ دوشنڀي کان گوادر ۽ ڪراچيءَ تائين سمورين واپاري راهدارين مان فائدو وٺڻ جي لاءِ ڀليڪار ڪري ٿو.