تازہ ترین

آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جون ختلف ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ ڪانگريس ميمبر رچ ميڪار سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ باب خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن جي اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻول ٿي. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني سفير سان ڪانگريس ميمبر جيسمين ڪراڪٽ به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ-آمريڪا ٻه طرفن لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي رابطن، خاص طور واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. سفير ڪانگريس ميمبر کي ٽيڪساس جي ڪاروباري وفد سان گڏ 2025 ۾ پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، ڪانگريس ميمبر جيسمين ڪراڪٽ اها قبول ڪئي.رضوان سعيد شيخ ڪانگريس ميمبر ارل بڊي ڪارٽر ۽ نيل ڊن سان به ملاقات ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.