تازہ ترین

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران لاڙڪاڻي جي قتل ٿيل نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران لاڙڪاڻي جي قتل ٿيل نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ علي احمد بروهي قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو ته نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ڊي ايس پي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وڃي، نوجوان جو لاش هٿ اچڻ بعد جاچ ڪميٽي ڊي اين اي ٽيسٽ پڻ ڪرائي، سنڌ پوليس جي فوڪل پرسن عدالت کي آگاهي ڏني ته نوجوان جي لاش کي ڳولا لاءِ هڪ هفتي اندر ڪميٽي جوڙي ويندي،  درخواستگذار موجب علي احمد بروهي کي سال اڳ ڪارنهن مڙهي الزام قتل ڪرڻ بعد لاش اڻڄاتل هنڌ اڇلايو ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.