تازہ ترین

عمر يوب ۽ راجه بشار ضمانت منظور ٿيڻ بعد آزاد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊيءَ جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ عمر ايوب ۽ راجه بشارت جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گذريل ڏينهن اڊيالا جيل باهران گرفتار ٿيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڄ دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيوويو. عمر ايوب، راجه بشارت ۽ ناصر چٺه سميت گرفتار 5 اڳواڻن کي اي ٽي سي جي جج اميد علي شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عمر ايوب ۽ راجه بشارت جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽گرفتاريءَ کان اڳ واري درخواست تي پنهنجا دليل پيش ڪيا. عدالت عمر ايوب ۽ راجه بشارت سميت 5 پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت عمر ايوب ۽ راجه بشارت کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.