تازہ ترین

ايم ڪيو ايم اهڙي ڳالهه نه ڪري جنهن جي هو پاڻ ذميوار آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غنيءَ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اهڙي ڳالهه نه ڪري جنهن جي هو پاڻ ذميوار آهي، ايم ڪيو ايم وارا هاڻي چون ٿا ته واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي تباهه ٿي ويا آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي مسئلن تي نه ڳالهائڻ گهرجي، ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي تھ روشين جي شهر کي ڪنهن تباهه ڪيو؟ ڪي فور منصوبو دير جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ باني ڪي فور منصوبي جو ڪم بند ڪرايو، جاچ شروع ڪئي آهي، ڪراچي جا مسئلا سڀني کي گڏجي حل ڪرڻ گهرجن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.