لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني 9 مئي واقعن جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ لاهور جي عدالت پي ٽي آءِ باني جون 8 ڪيسن ۾ ضمانت واريون درخواستون رد ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي لکت واري فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زمان پارڪ ۾ تيار ڪيل سازش جي شاهدن جا بيان رڪارڊ تي موجود آهن، موجوده ڪيس سازش يا چڙ ڏيارڻ لاءِ ڀڙڪائڻ جو ڪو معمولي ڪيس ناهي.