ننگرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ننگرپارڪر ڀرسان ڳوٺاڻي زال ۽ ٽن معصوم ٻارن کي زهر ڏئي مارڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس موجب علائقي واسين اطلاع ڏنو ته ڳوٺ ڪوئيا ۾ شنڪر ٺڪر پنهنجي زال، 8، 5 ۽ ٽن ورهين جي ٻارن کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو، گهرڀاتين کي مارڻ بعد جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پوسٽ مارٽم لاءِ فوتين جا لاش کڻائي اسپتال آندا.