تازہ ترین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هاڪاري تبديلي، تيزي رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هاڪاري تبديلي ڏسڻ ۾ آئي آهي، ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن جي شروعات دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. هڪ هزار 39 پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 91  هزار 8 سئو 99 پوائنٽس جي سطح تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏهاڙي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي پڃاڻي هاڪاري زون ۾ ٿي هئي. هنڊريڊ انڊيڪس 18 سئو 93 پوائنٽس اضافي سان گڏ 90 هزار 8 سئو 59 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.