تازہ ترین

موسمياتي تبديلي ملڪ لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وقتي صدر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جٽادار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پڪو پهه اڻٽر آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي وڏي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلانيءَ جو چوڻ هو ته  موسمياتي تبديلي جو چئلينج جٽادار ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي، موسمياتي تبديلي جهڙي عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون گھربل آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستان جٽادار ترقي جي هدفن کي قومي ترقي جي ايجنڊا سان ملايو آهي، پاڪستاني پارليامينٽ ماحول دوست توانائي تي منتقل ٿيندڙ پهرين پارليامينٽ آهي، هن چيو ته  پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام ضروري آهي، مختلف شعبن ۾ هٿرادو ذهانت جي اهميت وڌي وئي آهي، وقتي صدر وڌيڪ چيو ته غذائي تحفظ لاءِ پختا قدم کڻڻ اڻٽر آهن، عورتن کي برابر جا موقعا ڏئي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.