تازہ ترین

جي يو آءِ وفد جي وڏي وزير سان ملاقات، پاڻي کوٽ مسئلي تي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جي يو آءِ جي صوبائي صدر جي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾26 هين آئيني ترميم جي منظوري تي هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون ويون.  ملاقات ۾جي يو آءِ جو جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو به شريڪ ٿيو، جي يو آءِ وفد سان ملاقات ۾صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ضياءُ الحسن لنجار به شريڪ هئا. جي يو آءِ جي صوبائي قيادت سان سنڌ ۾پاڻيءَ جي سخت کوٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نون ڪئنالن جي سمورن فورمز تي مخالفت ڪئي آهي. جي يو آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڻي جي مسئلي ۽ عوامي موقف سامهون رکڻ لاءِ ڪانفرنس ڪيون پيا، جي يو آءِ پاران وڏي وزير کي پاڻي جي مسئلي تي ڪانفرنس ۾شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي، سيد مراد علي شاهه پاڻيءَ واري مسئلي تي جي يو آءِ جي ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪرڻ جي حامي ڀري.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.