تازہ ترین

ڪراچي ۾ جعلي نمبر پليٽ ۽ ڪارن شيشن واري گاڏين خلاف وٽ پڪڙ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جعلي نمبر پليٽ ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين جي خلاف وٺ پڪڙ جو فيصلو ڪيو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جعلي نمبر پليٽ، ڪارن شيشن وارين گاڏين ۽ هٿيارن جي نمائش ڪرڻ وارن خلاف وٺ پڪڙ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽريءَ گھرو کاتي کي ان بابت ميڊيا ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ امن امان جي بهتريءَ جي لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرز جي نگرانيءَ هيٺ پاڙن جي سطح تي ڪميونٽي واچ گروپ جوڙڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف سيڪٽريءَ چيو ته جعلي نمبر پليٽ ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪرڻ وارا سمورا ادارا متحرڪ ٿين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.