تازہ ترین

آمريڪي سفارتخاني جي وفد جو اڊيالا جيل جو دورو، قيدين سان ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سفارتخاني جي وفد اڊيالا جيل راولپنڊيءَ جو دورو ڪري 3 قيدين سان ملاقات ڪئي، جيل ذريعن موجب آمريڪي سفارتخاني جي 3 ميمبرن تي ٻڌل وفد کي اڊيالا جيل ۾ 3 قيدين تائين قائونصلر پهچ ڏني وئي، آمريڪي سفارتخاني جي وفد فارين ائڪٽ تحت گرفتار قيدين سان ملاقات ڪئي. جيل ذريعن موجب آمريڪي سفارتخاني جي وفد جي قيدين سان ملاقات ايڊيشنل سپرنٽينڊنٽ جيل جي آفيس ۾ ڪرائي وئي، آمريڪي سفارتخاني جي وفد هڪ ڪلاڪ تائين قيدين سان ملاقات ڪئي. جيل ذريعن موجب وفد کي آمريڪي شهرين عابد ملڪ، صديقه سعيد، ايلڪس پليڊو تائين قائونصلر رسائي ڏني وئي هئي، آمريڪي سفارتخاني جي وفد ۾ عرفان جان، مائيڪ مرفي ۽ راحيل جاويد شامل هئا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.