تازہ ترین

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس 2024 سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جو وقتي چيئرمين سيدال خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس 2024 پيش ڪيو ويو. ترميمي آرڊيننس قانون واري وفاقي وزير اعطم نذير تارڙ سينيٽ ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کان پوءِ ان کي لاڳاپيل ڪاميٽيءَ حوالي ڪيو ويو. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۾ هڪ هيٺين شق شامل ڪئي وئي آهي جنهن تحت ڪميٽيءَ ۾ چيف جسٽس آف پاڪسان کان سواءِ هڪ سينيئر ترين جج ۽ هڪ چيف جسٽس پاڪستان جو نامزد ڪيل جج شامل هوندو. سيڪشن 3 جي هيٺين شق 2 جي تحت ۽ آرٽيڪل 184 جي شق 3 جي تحت معاملي تي ٻڌڻيءَ کان اڳ عام مفاد جا سبب ڏيڻا پوندا، آرڊيننس ۾ سيڪشن 7 اي ۽ 7 بي کي شامل ڪيو ويو آهي، 7 اي جي تحت اهڙا ڪيس جيڪي پهريان داخل ٿيا هوندا، انهن کي پهريان ٻڌو ويندو، جي ڪا عدالتي بئنچ واري کان سواءِ ڪيس ٻڌندي ته ان جا سبب بيان ڪرڻا پوندا. ان کان سواءِ سيڪشن 7 بي جي تحت هر عدالتي ڪيس ۽ اپيل جي رڪاردنگ هوندي ۽ ان جو ٽرانسڪرپٽ تيار ڪيو ويندو، هي ٽرانسڪرپٽ ۽ رڪارڊنگ عوام لاءِ دستياب هوندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.