تازہ ترین

هانگ ڪانگ سپر سڪسز: پاڪستان ڀارت کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ سپر سڪسز ۾ پاڪستان روايتي مخالف ڀارت کي آئوٽ ڪلاس ڪندي ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. هانگ ڪانگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 119 رنسون ٺاهيون ۽ گرين ڪيپس کي کٽڻ لاءِ 120 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات آغا آصف علي ۽ اخلاق احمد ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن ڀارتي بالرن جو ڪچومبر ڪڍندي وڪيٽ وڃائڻ بنان ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. ڀارت جي خلاف فتح سان پاڪستان هانگ ڪانگ سپر سڪسز جي ڪوارٽر فائنل ۾ پنهنجي جاءِ مضبوط ڪري ورتي آهي، هانگ ڪانگ سپر سڪسز ۾ پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي آل رائونڊر فهيم اشرف ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان گڏيل عرب امارتن کي 13 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.