تازہ ترین

هلندڙ سال ڪراچيءَ ۾ آڪٽوبر جون راتيون گرم ترين راتيون رهيون: موسميات کاتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سال آڪٽوبر جون راتيون شهر جي موسمي تاريخ جون گرم ترين راتيون رهيون. موسميات کاتي ٻڌايو ته انهن گرم ترين راتين 57 سالن جو رڪارد ٽوڙي ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب 1967ع ۾ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 30.6 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو هو پر گذريل مهيني شهر ۾ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 30.9 ڊگري رهيو. اهڙيءَ ريت 57 سالن کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 0.3 ڊگري کان وڌيڪ رهيو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ رات جو گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد جو هڪ سالا رڪارد به ٽٽي ويو آهي، هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ رات جو گرمي پد 26.3 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو هو جڏهن ته آڪٽوبر 2023ع ۾ رات جو گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 25.7 ڊگري رڪارڊ ٿيو هو. موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ هن سال آڪٽوبر جو گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 0.6 ڊگري کان وڌيڪ رهيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.