تازہ ترین

سعوديءَ جي پاڪستان ويمن فٽبال ٽيم کي ميچ جي آڇ، خرچ به پاڻ ڀريندو

قطر (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب فٽبال فيڊريشن پاڪستان ويمن فٽبال ٽيم کي قطر ۾ ميچ کيڏڻ جي دعوت ڏني آهي، ذريعن موجب سعودي عرب قطر ۾ پاڪستان سان دوستاڻي ويمن فٽبال ميچ کيڏڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف پاڪستان فٽبال فيڊريشن به سعودي عرب سان ميچ کيڏڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو  آهي. ذريعن موجب ميچ کيڏڻ لاءِ ٽيم جا سمورا خرچ به سعودي فٽبال فيڊريشن پاڻ برداشت ڪندي جڏهن ته ميچ جي لاءِ ٻنهي ٽيمن جو تربيتي ڪئمپ قطر ۾ لڳايو ويندو، سعودي عرب هن مهيني فيفا ونڊو ۾ عورتن جي فرينڊلي ميچ لاءِ پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) سان رابطو ڪيو آهي، عورتن جي فيفا فرينڊلي ونڊو 25 نومبر کان 7 ڊسمبر جي وچ ڌاران ٿي رهي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.