تازہ ترین

بابر اعظم جي بيٽ ميلبرن گرائونڊ جي لانگ روم نمائش لاءِ رکي ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بهترين بيٽسمين بابراعظم جي بيٽ ميلبرن ڪرڪيٽ گرائونڊ جي لانگ روم ۾ نمائش جي لاءِ رکي ويندي. ايم سي جي عملدارن موجب بابر اعطم کي لانگ روم جي لاءِ بيٽ جو عطيو ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، جنهن کان پوءِ بابر اعظم 2022ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ فائنل ۾ استعمال ٿيندر بيٽ عطيو ڪئي آهي. ايم سي جي عملدارن موجب بابراعطم جي بيٽ ميلبرن ڪرڪيٽ گرائونڊ جي لانگ روم ۾ نمائش لاءِ رکي ويندي. ايم سي جي لانگ روم ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جي مشهور بيٽسمينن جھڙوڪ سر ڊان بريڊ مين، ڊيوڊ بون، جيڪ هوبز ۽ برائن لارا جون بيٽون به نمائش جي لاءِ موجود آهن. ان بابت ڳالهائيندي بابراعطم جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ هتي لانگ روم ۾ بيٽ رکڻ ڪنهن اعزاز کان گھٽ نه آهي، اي سي جي سان منهنجو تمام گھڻيون يادگيريون سلهاريل آهن، هي بهترين گرائونڊن مان هڪ آهي، جڏهن ته دنيا جي عظيم بيٽسمينن جي بيٽن سان گڏ منهنجي بيٽ رکڻ هڪ وڏو اعزاز سمجھان ٿو. ياد رهي ته بابراعظم 2022ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل ميلبرن ۾ کيڏيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.