تازہ ترین

ڪڏهن ڪڏهن هڪ جملو لکڻ سان ڪيس 18، 18 سال هلندا رهندا آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريديءَ هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن سپريم ڪورٽ جي هڪ جملي لکڻ سان ڪيس 18، 18 سال هلندا رهندا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ زمين جي تڪرار جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي سربراهيءَ ۾ به رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران درخواست گذار جي وڪيل گھُر ڪئي ته سپريم ڪورٽ لکت واري حڪم ۾ لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري. ٻڌڻيءَ دوران ڪيس جي ڊيگھه بابت چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريديءَ رمارڪس ڏيندي چيو ته  ڪڏهن ڪڏهن سپريم ڪورٽ جي هڪ جملو لکڻ جي ڪري 18، 18 سال ڪيس هلندا رهندا آهن، حڪم ۾ اهڙو ڪجھه نه لکنداسين جنهن سان ٻيهر سول ڪورٽ ۾ ڪيس شروع وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.