تازہ ترین

ايشوريا ۽ اڀيشيڪ جي الڳ ٿيڻ جا افواهه، اميتاڀ پوٽيءَ جو نالو کڻڻ کان به لنوائڻ لڳو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار جوڙو اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ جو ازدواجي لاڳاپو گذريل ڪافي عرصي کان ڏکيائين جو شڪار آهي ۽ اهي افواهه ڏينهون ڏينهن زور پيا پڪڙين ته جوڙو الڳ ٿي ويو آهي. ڪجھه ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا تي اسٽار جوڙي جي الڳ ٿيڻ جي ڪري اڀيشيڪ ۽ بالي ووڊ اداڪارا نمرت ڪور جي مبينا ازدواجي لاڳاپن سان تعلق ٻڌايو پي ويو پر اداڪارا انهن لاڳاپن جي مڪمل ترديد ڪئي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب ايشوريا ۽ اڀيشيڪ جلد ئي هڪ ٻئي کان باضابطه طور الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪندا، في الحال ٻنهي خاندانن جو ان بابت ڪو به باضابطه بيان سامهون نه آيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ايشوريا ۽ اڀيشيڪ وچ ۾ الڳ ٿيڻ جي افواهن دوران بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن پنهنجي ڪوئز شو “ڪون بني گا ڪروڙ پتي” جي سيزن 16 ۾ پنهنجي نُنهن ايشوريا ۽ پوٽي آراڌيا جو نالو تائين وٺڻ کان پرهيز ڪئي. ويجھر ۾ ئي شو جي هڪ قسط ۾ اميتاڀ بچن بالي ووڊ فلم “بنٽي او ببلي” جي مقبول گيت “ڪجراري” تي ڳالهايو، جنهن دوران اميتاڀ راني مکرجيءَ جو ته ذڪر ڪيو پر گيت ۾ مرڪزي ڪردار  نڀائيندڙ پنهنجي نُنهن ايشوريا جو ذڪر ڪرڻ کان لنوائي ويو. ٻي قسط ۾ اميتاڀ ڏوهٽن ڏوهٽين جو ذڪر ڪندي پنهجي ڏوهٽي اگستيه جو ته نالو ورتو پر پوٽي آراڌيا جو ذڪر به نه ڪيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.