تازہ ترین

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي تاريخ بدلائي رهيا آهيون، نظام کي بدلائڻ جو سڀ کان وڏو سبب ملڪ جون معاشي حالتون آهن.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي تاريخ بدلائي رهيا آهيون، نظام کي بدلائڻ جو سڀ کان وڏو سبب ملڪ جون معاشي حالتون آهن.

حيدرآباد ۾ گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري آءِ ٽي ڪورس جي شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته جيئن گورنر ھائوس ۾ 50 ھزار شاگرد آئي ٽي ڪورس ڪري رھيا آھن، ساڳي ريت حيدرآباد ۾ به ڪورس ڪري رھيا آھن.

هن چيو ته ڪئين سالن کان آئي ٽي پاڪستان مان ايڪسپورٽ هڪ کان 2 بلين ڊالر آھي، ڀارت جي هر سال 10 بلين ڊالر ايڪسپورٽ وڌي وڃي ٿي، شاگردن کي اھڙو رستو ڏيکاري رھيا آھيون، جنھن ۾ ھو پاڪستان ۽ پنھنجون حالتون تبديل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا.

گورنر سنڌ چيو ته صحافين ۽ سندن فيمليز لاءِ اسپيشل ڪوٽا رکيو ويو آھي، ھڪ شاگرد جو ڪورس 6 کان 8 ھزار ڊالر جو آھي، جيڪو مڪمل طور مفت آھي. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته سياست ڪري ڇڏي آهي، سياست مان ڪجهھ ناھي ملڻو، شاگرد پاڻ ڪمائڻ جي لائق ٿيڻ سان معشيت جي جنگ وڙهي سگهندو، معاشي طور وڙھڻو آھي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.