تازہ ترین

سري لنڪا ۾ ڦاٿل  پاڪستاني  قيدين کي  ستن ڏينهن  ۾  پاڪستان  واپس  آڻڻ جو فيصلو

سري لنڪا ۾ ڦاٿل  پاڪستاني  قيدين کي  ستن ڏينهن  ۾  پاڪستان  واپس  آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وفاقي گهرو وزير  محسن نقوي  سان سري لنڪن هاءِ ڪمشنر  ملاقات ڪئي

ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي   وارن  معاملن ۽ سري لنڪا ۾  پاڪستاني قيدين  جي   وطن جي واپسي  لاءِ ٻنهي طرفان ضروري  ڪارروائي جلد  مڪمل ڪرڻ تي اتفاق  ڪيو ويو

سري لنڪن هاءِ ڪمشنر  پاڪستاني قيدين  جي آزادي  لاءِ هر ممڪن  سهڪار جي خاطري ڪرائي،  جنهن تي وفاقي  گهرو وزير  محسن نقوي  ان جو شڪريو اداڪيو

ملاقات جي حوالي سان  جاري ڪيل پڌرنامي  موجب  ڪيترن ئي سالن کان سري لنڪا ۾ ڦاٿل  پاڪستاني قيدين  کي ستن ڏينهن  ۾ پاڪستان  واپس آڻڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي . محسن نقوي جو چوڻ هو ته  سري لنڪا ۾ قيد  پاڪستاني  شهرين جي واپسي  لاءِ قدمن کي حتمي  شڪل ڏني پئي وڃي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.