تازہ ترین

روهڙي مان نڪرندڙ ماتمي جلوسن لاءِ سيڪيورٽي پلان جوڙيندي گذرگاهن سميت ٻين رستن کي ڪنڊيدار تارون ۽ رڪاوٽون هڻي بند ڪيو

* سکر  پوليس پاران 9  محرم الحرام جي سلسلي ۾ روهڙي مان نڪرندڙ ماتمي جلوسن لاءِ سيڪيورٽي پلان جوڙيندي گذرگاهن سميت ٻين رستن کي ڪنڊيدار تارون ۽ رڪاوٽون هڻي بند ڪيو ويندو.

عزاداري دوران جلوس جي روٽ وارن سمورن ننڍن وڏن رستن کي مڪمل طور سيل ڪري ماتمي جلوسن لاءِ ايندڙ ويندڙ رستو ٺاهيو ويندو، جڏهن ته 3 کان وڌيڪ چيڪنگ پوائنٽس ٺاهيون ويون آهن.

9 محرم الحرام جي ڏينهن نڪرندڙ ماتم جي سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار، 200 رينجرز آفيشل، 3 فوج جون ڪمپنيون اسٽينڊ باءِ تي هونديون جڏهن ته 400 کان وڌيڪ اسڪائوٽس جوان به فرض سرانجام ڏيندا.

9 محرام الحرام تي برآمد ٿيندڙ ماتمي جلوسن جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي به نگراني ڪئي ويندي، جنهن جو ڪنٽرول روم روهڙي ۾ قائم ڪيو ويو آهي. ماتمي جلوسن جي روٽ ۾ ايندڙ عمارتن تي رينجرز ۽ پوليس جا نشاني باز مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته جلوس ۾ سادي ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.