تازہ ترین

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ترڪيه جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ميتن گيوراڪ ملاقات

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ترڪيه جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ميتن گيوراڪ ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، دفاعي تربيت، علائقي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ بابت ڳالهين سميت ٻنهي سربراهن ملڪن وچ ۾ مضبوطن لاڳاپن جي تسليم ڪيو

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان دفاعي سهڪار وڌائڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو،

آرمي چيف ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج وچ ۾ موجود فوجي سهڪار اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل ميتن گيوراڪ علائقي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي به واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو اچڻ تي پاڪ فوج جي دستي  ترڪ فوج جي سربراهه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، ترڪ فوج جي سربراهه جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ چادر چڙهي

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.