تازہ ترین

December 11, 2024

Year : 2025

اڳوڻي جسٽس مظاهر علي نقوي جي جڊيشل ڪائونسل خلاف درخواست خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي جسٽس مظاهر علي نقوي جي جڊيشل ڪائونسل خلاف درخواست خارج، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي جسٽس مظاهر علي نقوي جي شوڪاز نوٽيس خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي، عدالت شوڪاز نوٽيس خلاف پيروي نه ٿيڻ تي درخواست خارج ڪئي.

اليڪشن ڪميشن پاران گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ سياسي پارٽين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مالي سال 24 .2023 جا گوشوارا نه ڪرائيندڙ سياسي جماعتن خلاف ڪارروائي جو فيصلو، اليڪشن ڪميشن اختيارين جو چوڻ آهي ته گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ پارٽين جا چونڊ واپس وٺڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران لاڙڪاڻي جي قتل ٿيل نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران لاڙڪاڻي جي قتل ٿيل نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ علي احمد بروهي قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو ته نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ڊي ايس پي جي […]

پاڪستان تاجڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي: اويس لغاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائيءَ واري وزير اويس احمد خان لغاريءَ چيو آهي ته پاڪستان تاجڪستان سان پنهنجي موجوده دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان تاڪستان گڏيل ڪميشن جي ستين اجلاس کي  خطاب ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ گڏيل […]

آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جون ختلف ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ ڪانگريس ميمبر رچ ميڪار سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ باب خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن جي اقتصادي لاڳاپن کي هٿي […]

جبلن جو عالمي ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، وزيراعظم جو نوجوانن جا خاص پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جبلن جو عالمي ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد جبلن ۽ ڀرپاسي رهندڙ آبادين جي حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، وزيراعظم جبلن جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام ۾ چيو آهي ته جبل موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جبلن جي تحفظ لاءِ نوجوان ڪردار […]

غزه ۾ پناهگير ڪئمپن تي اسرائيل جي حملن ۾ وڌيڪ 16 ڄڻا شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ) غزه ۾ پناهگير ڪئمپن تي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا، نصيرات ڪئمپ تي اسرائيلي حملي سبب 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ڏکڻ غزه ۾ هڪ گهر تي هوائي حملي ۾ 6 ڄڻا شهيد، رفح ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ ٽن شهرين شهادت ماڻي، غزه ۾ شهيدن […]

شام تي اسرائيلي حملن ۽ قبضي خلاف گڏيل قومن جو اجلاس، مذمت

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، ايران، عراق ۽ قطر طرفان شام ​​جي سرزمين تي اسرائيلي قبضي ۽ اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي، روس جي درخواست تي سلامتي ڪائونسل جو اهم اجلاس سڏايو ويو، ترڪ صدر طيب اردگان چيو آهي ته شام ​​کي ٻيهر تڪراري علائقو نه بڻجڻ ڏنو ويندو، […]

مريد شاخ ڀرسان سنڌ -پنجاب دنگ وٽان 2 ڄڻا اغوا

مريد شاخ (ويب ڊيسڪ) مريد شاخ ڀرسان سنڌ -پنجاب جي دنگ وٽان 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا، دينو مينر شاخ وٽ هٿياربند ڪار کي روڪي سراج احمد سولنگي ۽ رحمت الله سولنگي کي اغوا ڪري ويا، اطلاع تي پنجاب پوليس پهچي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني.

اڪري چودڳي ۾ هٿياربندن جو پلاند ۾ ڀيڻ ۽ ڀائرن سميت 4 ڄڻا مبينا اغوا

اڪري چودڳي (ويب ڊيسڪ) اڪري چودڳي ۾ هٿياربندن جو پلاند ۾ گهر تي حملو، ڀيڻ ۽ ڀائرن سميت 4 ڄڻا مبينا طور اغوا، ڳوٺ ننڌيرو مان عورت نجيبان، حبدار، عنايت علي ۽ سهراب لاشاري مبينا طور اغوا  ٿي ويا، وارثن موجب پسند جي شادي واري معاملي تان پلاند ۾ هٿياربند گهر تي حملو ڪري 4 […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.