غزه (ويب ڊيسڪ) غزه ۾ پناهگير ڪئمپن تي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا، نصيرات ڪئمپ تي اسرائيلي حملي سبب 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ڏکڻ غزه ۾ هڪ گهر تي هوائي حملي ۾ 6 ڄڻا شهيد، رفح ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ ٽن شهرين شهادت ماڻي، غزه ۾ شهيدن جو انگ 44 هزار 758 ٿي ويو، هڪ لک 5 هزار 834 زخمي ٿي چڪا.