تازہ ترین

October 28, 2024

Year : 2025

پي ٽي آءِ پاران سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن تي توهين عدالت درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کان گھُر ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن کي فوري طور فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڪميشن ميمبرن خلاف توهين […]

سپريم ڪورٽ: پهريون فل ڪورٽ اجلاس، جسٽس منصور علي شاهه غير حاضر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ نئين حلف کڻندڙ چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ جو اجلاس جاري آهي، جڏهن ته نئين چيف جسٽس جي مقرريءَ کان پوءِ پهرين فل ڪورٽ اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه کان سواءَ سمورا سينيئر ججز موجود آهن، جسٽس منصور علي شاهه عمري تي روانو […]

وزيراعظم شهباز شريف آذر بائيجان جو دورو ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف نومبر ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندو. وزيراعظم 11 هين ۽ 12 نومبر تي عالمي موسمياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، موسميات تي عالمي ڪانفرنس آذربائيجان جي گاديءَ واري هنڌ باڪو ۾ ٿيندي. ذريعن موجب شهباز شريف اسموگ يا سيلاب جھڙن مسئلن تي عالمي اڳواڻن جو ڌيان ڇڪرائيندو، ڪاپ 29 […]

ڪراچي: ڊفينس جي ريسٽورينٽ ۾ ڪرسيءَ تان عورتن ۾ جھيڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ڊفيس جي علائقي ۾ واقع هڪ ريسٽورينٽ ۾ 2 عورتن جي وچ ۾ بنا پڇڻ جي ڪرسي کڻڻ تي جھيڙو ٿي پيو، جتي عورتن هڪ ٻئي کي چماٽون ۽ ٺونشا به هڻي ڪڍيا. پوليس موجب ڊفيس جي علائقي خيابانِ سحر ۾ اهڙو واقعو پيش آيو جتي هڪ ريسٽورينٽ ۾ ٽيبل […]

اداڪارا ميرا يوٽيوب چينل کولڻ لاءِ ڳري رقم آڇي: ناديه خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا ناديه خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس اداڪارا ميرا يوٽيوب چينل کولڻ لاءِ ڳري رقم جي آڇ ڪئي. هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناديه خان چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ اداڪارا ميرا هڪ ملاقات ۾ مون کي چيو ته مان توهان کي 10 لک رپيا ڏينديس توهان […]

لاڙڪاڻو: چوري الزام هيٺ گرفتار نوجوان جو لاڪ اپ مان لاش هٿ، نوٽيس

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لب مهراڻ ڪالونيءَ مان گرفتار 20 ورهين جي ساحل سولنگي جو وليد ٿاڻي جي لاڪ اپ مان لاش مليو آهي، نوجوان جي وارثن پوليس تي تشدد ڪري کيس قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، نوجوان جي والد سعيد سولنگيءَ جو چوڻ آهي ته پوليس پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪيو هو، کيس لاڪ […]

جيسن گيليسپي آسٽريلوي دوري لاءِ قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪسان ڪرڪيٽ بورڊ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي نئين ڪوچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پي سي بيءَ موجب گيري ڪرسٽن جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ هاڻي جيسن گليسپيءَ کي آسٽريلوي دوري جي لاءِ وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ […]

پي ٽي آءِ پاران ججز مقرري ڪميشن جو حصو بڻجڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ديسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف باضابطا طور ججز جي مقرريءَ واري ڪميشن جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي سياسي ڪاميٽي جي خاص اجلاس ۾ ڪميشن جي پارليامينٽ جي ميمبر نامزد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سياسي ڪاميٽيءَ جي فيصلي […]

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ لاٿ

دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي منديءَ ۾ ڪچي تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ لاٿ اچي وئي آهي، پرڏيهي خابرو ايجنسيءَ موجب عالمي منڊيءَ ۾ ڪچي تيل جون قيمتون 5 سيڪڙو تائين ڪري پيون آهن ۽ برطانوي ڪچو تيل برينٽ آئل 73 في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي  ڪچي تيل ڊبليو […]

اڄ سنڌ ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪئي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ سنڌ ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ 12 پوليو وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي افسوس ۽ ڳڻتي آهي، ڪراچيءَ ۾ پوليو مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان جي […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.