تازہ ترین

لاڙڪاڻو: چوري الزام هيٺ گرفتار نوجوان جو لاڪ اپ مان لاش هٿ، نوٽيس

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لب مهراڻ ڪالونيءَ مان گرفتار 20 ورهين جي ساحل سولنگي جو وليد ٿاڻي جي لاڪ اپ مان لاش مليو آهي، نوجوان جي وارثن پوليس تي تشدد ڪري کيس قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، نوجوان جي والد سعيد سولنگيءَ جو چوڻ آهي ته پوليس پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪيو هو، کيس لاڪ اپ ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان چوري ڪيس ۾ گرفتار هو، هن لاڪپ ۾ پنهنجي ڳچيءَ ۾ اڳٺ ٻڌي آپگهات ڪيو آهي. هوڏانهن گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ هو ته معاملي جي فوري جاچ ڪري حقيقتن کي سامهون آندو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.