تازہ ترین

Dharti TV News

مٺياڻي ۾ ارڙيءَ جي وبا پکڙجي وئي معصوم ٻارڙي فوت

مٺياڻي (ويب ڊيسڪ) مٺياڻي ۾ ارڙيءَ جي وبا پکڙجي وئي، ارڙيءَ سبب معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، ابجي پاڙي واسڻ چار ورهين جي ڪومل ڌيءُ دلدار سھتو ارڙي وگهي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن موجب وڌيڪ ٽي ٻارڙا ارڙيءَ جي بيماري ۾ ورتل آهن جن جو علاج ڪرايو وڃي.

پنوعاقل ڀرسان دادلوءِ ٿاڻي جي حد مان موٽروي ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ

پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) پنوعاقل ڀرسان دادلوءِ ٿاڻي جي حد مان موٽروي ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب ولي محمد ڪورائي جو لاش ڪورائي واهه لڳ سي پيڪ روڊ جي ڀرسان مليو آهي، نوجوان جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

سئي گئس ۾  ٻي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو

سئي گئس (ويب ڊيسڪ) سئي گئس ۾  ٻي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو، گھر وارن سان ٻي شادي نه ڪرائڻ تان مائٽن سان ڪاوڙجي مرتضيٰ دستي ڦاھو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون گهلڻ جو امڪان: موسميات کاتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون گهلڻ جو امڪان، موسميات کاتي موجب سکر، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙو ڇانيل رهندو، مري، گليات سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ ٿڌي موسم رهندي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي وفاق المدارس جي سرپرست اعليٰ سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي وفاق المدارس جي سرپرست اعليٰ سان ملاقات، محسن نقوي ۽ مولانا فضل رحيم جي وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي وفاق المدارس جو سرپرست اعليٰ مولانا فضل رحيم چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي […]

ووٽ عوام جي طاقت ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ووٽ عوام جي طاقت آهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ووٽرن جي ڏھاڙي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ 7 ڊسمبر تي سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ووٽرن جي قومي ڏينھن ملهايو پيو وڃي، […]

اسان نه پر توهان اسان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي: مولانا فضل الرحمان

نوشهره  (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن کي دٻاءَ ۾ رکيو ويو آهي، قديم ۽ جديد تعليم چوڻ جو مخالف آهيان، علم، علم آهي اهو جديد يا قديم ناهي هوندو. نوشهره م جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته  علم جي ورهاست جي […]

سياست، نفرت ۽ دشمني ۾ تبديل ٿي چڪي آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سياست، نفرت ۽ دشمني ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، اپوزيشن جو رويو معاملن کي منجهائي رهيو آهي، معاملن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام پاڪستان پارٽي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اپوزيشن ۽ حڪمران عوام جي […]

راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، گوجرانوالا جي جڊيشل مئجسٽريٽ سدره گل نواز راڻا ثنا الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، راڻا ثنا الله خلاف 16آڪٽوبر 2020ع تي گوجرانوالا ۾پي ڊي ايم جلسي واري ڏينهن ڪيس داخل ٿيو […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.