ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ برساتون گهٽ پوڻ سبب سوڪهڙي جو خطرو پيدا ٿي ويو، ايڊوائيزري جاري، پاڪستان ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ موجب ميداني علائقن ۾ جوڳي برسات نه پوڻ سبب سوڪهڙي جي صورتحال ۾ اضافو ٿيو آهي، سنڌ ۾ ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ حيدرآباد سميت 10 شهرن ۾ هلڪي سوڪهڙي جا آثار آهن، سوڪهڙي جي صورتحال وڌي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لاڳاپيل علائقن ۾ ذڪر جوڳي برساتن جو امڪان ناهي.