تازہ ترین

بينچز اختيارن جي ڪيس جو آئيني ترميم سان تعلق ناهي: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) بينچز اختيارن جي ڪيس جو آئيني ترميم سان تعلق ناهي، ڪو هونئن ئي ڊڄي وڃي ته ڌار ڳالهه آهي، جسٽس منصور علي شاهه جا سپريم ڪورٽ ۾ بينچز جي اختيارن جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالتي مددگار مقرر ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيو، عدالت خواجا حارث ۽ احسن ڀون کي به عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته ڪيس ريگولر بينچ ٻڌي رهيو هو، ڇا ڪميٽي ان کي شفٽ ڪري سگهي ٿي، اوهان ڪاز لسٽ مان ڪيس ڇو هٽايو، هيل تائين ائين ٿيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ئي ريگولر بينچ جوڙيندي، جيڪڏهن ڪيس ڪنهن ڪورٽ ۾ نه هجي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي بينچ تبديل ڪري سگهي ٿي، عدالتي مددگار منير اي ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ايندڙ ڪيسن کي پهريان پريڪٽس اينڊ پروسيجر جي ڪميٽي کي ئي ڏسڻ گهرجي، سندس راءِ ۾ ڪميٽي جڊيشل آرڊر کي انتظامي آرڊر سان ختم نٿي ڪري سگهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.