تازہ ترین

ٻن، ٽن دروازن سان هڪ ئي وقت ڳالهيون ممڪن ناهن: عرفان صديقي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي ترجمان عرفان صديقيءَ پي ٽي آءِ چيئرمين جي آرمي چيف سان ملاقات تي بئريسٽر گوهر کي پيغام ڏنو آهي ته ٻن بن، ٽن ٽن دروازن سان هڪ ئي وقت ڳالهوين نٿيون هلي سگھن. هڪ بيان ۾ عرفان صديقيءَ چيو ته مون کي بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات جا تفصيل ۽ جملن جي ڄاڻ آهي، بئريسٽر گوهر چيو ته سڌو سنئون اعليٰ ترين فوجي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن جيڪا اطمينان جوڳي ڳالهه آهي، بئريسٽر گوهر چيو ته بيڪ ڊور پراسيس به هلندو ۽ فرنٽ ڊور پراسيس به هلندو. عرفان صديقيءَ چيو ته ٻن ٻن، ٽن ٽن دروازن سان هڪ ئي وقت ڳالهيون نٿيون هلي سگھن، ننڍن ننڍن درن ۽ درين ۾ جھاتيون پائڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.