تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 جج مارجي ويا، عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب فائرنگ ڪري ججن کي قتل ڪندڙ شخص پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو، جوابدار جي فائرنگ ۾ هڪ جج سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.