پشاور (نيشنل ڊيسڪ) خيبرپختون خوا حڪومت ڪرم ايجنسيءَ امن امان جي بحاليءَ جي لاءِ مختلف علائقن ۾ آپريشن جو آخري فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪرم ايجنسيءَ جي ڇڪتاڻ وارن علائقن بگن، ڇپري پروان ۽ مندوري ۾ آپريشن ڪيو ويندو جيئن بدامنيءَ جو خاتمو اچي سگھي. ان بابت ڊپٽي ڪمشنر ڪرم طرفان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن جي متاثرن جي لاءِ عارضي ڪئمپون قائم ڪيون وينديون. نوٽيفڪيشن موجب ڪرم ايجنسيءَ ۾ آپريشن دوران متاثرن لاءِ ڪئمپ هنگو ضلعي ۾ قائم ڪئي ويندي.