ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ويسٽ انڊيز جي خلاف پهرين اننگز ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم 230 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ نعمان علي ۽ ساجد خان مهمان ٽيم جي بيٽنگ لائين تباهه ڪري ڇڏي ۽ ويسٽ انڊيز جي سموري ٽيم 137 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پهرين سيشن ۾ پاڪستان جي آئوٽ ٿيڻ بعد ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ شروع ٿي ته ويسٽ انڊيز جي شروعات سٺي نه رهي. شروعات ۾ ساجد خان ويسٽ انڊيز جي بيٽسمينن جي لاءِ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو، جنهن شروعاتي چئن اوورن ۾ڪيون هوج کي 4 رنسن تي آئوٽ ڪيو، ساجد خان ميڪائي لوئس کي هڪ، ڪياسي ڪارٽي کي 0 تي، ڪريڪ براٿويٽ کي 11 رنسن ۽ ڪيون هوج کي 4 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو. ساجد خان کان پوءِ نعمان عليءَ ويسٽ انڊيز جي بيٽسمينن کي ڪريز تي بيهڻ نه ڏنو ۽ 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. ويسٽ انڊيز جي پنجين وڪيٽ صرف 34 رنسن تي ڪري پئي ۽ نعمان عليءَ جسٽن گريويس کي 4 رنسن تي آئوٽ ڪيو جنهن بعد نعمان عليءَ ٽريون امليچ ۽ ايلڪ ايٿينز کي 6،6 رنسن تي جڏهن ته ڪليون سنڪلر کي 11 رنسن تي آئوٽ ڪيو. نعمان عليءَ گداڪيش موتي کي 19 رنسن تي پنجين وڪيٽ ورتي، ايئن 137 جي اسڪور تي آخري وڪيٽ ابرار احمد ورتي جنهن جيڊن سيلز کي 22 رنسن تي پويلين جي رستو ڏيکاريو. ان بعد پاڪستان کي پهرين اننگ ۾ 93 رنسن جي سرسي حاصل ٿي، جڏهن ته پاڪستان جي بيٽنگ هلندڙ آهي ۽ ٻئي اوپنر ڪريز تي بيٺل آهن.