قمبر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ طارق انور سيال ۽ جِي ڊِي اَي جي معظم عباسي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ راڄوڻي، قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي سرپئنچي هيٺ ڌرين جون ڳالهيون هلندڙ، پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، غوث بخش مهر، عاشق حسين زرداري، تيغو خان تيغاڻي، بابل ڀيو، محمد خان جوڻيجو، عدنان انڙ ۽ ٻيا فيصلي ۾ شريڪ آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ طارق انور سيال جي رهائشگاهه ٻاهران هوائي فائرنگ بعد معظم عباسي ۽ طارق انور سيال وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي هئي.