لاهور (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جِي جج جسٽس عائشه ملڪ چيو آهي ته جانور اسان جي سماج لاءِ انتهائي اهم آهن، هر بي زبان جانور کي بنا ڊپ زندگي گذارڻ جو حق آهي، سپريم ڪورٽ جِي جج جسٽس عائشه ملڪ جو لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جانورن جي حقن جي حوالي سان اسان گهڻو پوئتي آهيون، جانورن جي حقن لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ جانورن جي ويلفيئر لاءِ ڪو به قانون موجود نه آهي، جانورن تي ظلم ڪندڙن خلاف سخت سزا هجڻ ضروري آهي.