تازہ ترین

قمبر ۾ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال ۽ معظم عباسي ۾ ٺاهه، ڌريون کير کنڊ

قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ۾ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال ۽ جِي ڊي اَي جي معظم عباسي ۾ ٺاهه ٿي ويو، پيپلزپارٽي ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي سرپئنچي ۾ نبيرو ڪيو ويو، نبيري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. جاري ڪيل فتويٰ موجب  احد علي مگسي ۽ اسد تنيو سيال ڀائرن ڏي ميڙ منٿ قافلو وٺي ويندا، ميڙ منٿ قافلو وٺي سيال ڀائرن کي پرچايو ويندو، فيصلي جي آخر ۾ دعا گهري وئي. طارق انور سيال ۽ معظم عباسي کي فيصلي دوران ئي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، عاشق حسين زرداري، غوث بخش مهر، سردار تيغو خان تيغاڻي فيصلي ۾ شريڪ هئا، نبيري دوران بابل خان ڀيو، محمد خان جوڻيجو، عدنان انڙ  ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي .

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.