تازہ ترین

صدر، وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير پاران سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش

اسلام آباد (ويب ديسڪ) صدر، وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير پاران سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري پاران دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان ختم ڪرڻ لاءِ قومي عزم جو اظهار ڪيو ويو، صدر پنهنجي جاري ڪي بيان ۾چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندا رهنداسين، قوم کي بهادر فوج ۽ بهادر جوانن تي فخر آهي. وفاقي گھرو وزير محسن نقويءَ چيو آهي ته 8 خارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيرو ڪرڻ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي آهي، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.