اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس احسن اظهر رضوي جا رمارڪس ڏيندي چيو ته 9 مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس اندر وڃڻ سڪيورٽي جي ناڪامي آهي، 9 مئي واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جي ملوث هجڻ تي ٽرائل ٿيو؟ 9 مئي تي ڪيئن ماڻهو بنا هٿيارن جي ڪور ڪمانڊر هائوس پهچي ويا، جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته 9مئي تي جڏهن فوجي ٿاڪن کي نقصان پهچايو ويو ته ڪا مزاحمت ڪئي وئي؟ ضروري ناهي گولي هلايو، آخر ڪو ماسٽر مائينڊ به هوندو، سازش ڪنهن ڪئي؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اداري جي اندر ڪنهن جو شامل هجڻ لازم آهي، ادارو ماڻهن تي ئي ٻڌل هوندو آهي، اندر جي ماڻهو سان تعلق جو تعلق ٻڌايو؟ بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ڪنهن فوجي کي ڪم کان روڪڻ لاءِ ڀڙڪائڻ تي ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت ٿيندو. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ان پاسي کي نظر ۾ رکنداسين ته ايف بي علي ڪيس مارشل لا دور جو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو کي هٽائڻ جي ڪوشش ۾ ايف بي علي ڪيس ٺهيو هو، ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي.