نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪستان جو جِي- 77 ۽ چين لاءِ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي زور، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته ترقياتي ماليات جي فراهمي، واپار کي بحال ڪرڻ پٺتي پيل ملڪن جي اوليت آهي، ٽيڪنالاجي جي نظام کي پائيدار ترقياتي هدف ۽ ماحولياتي مقصدن لاءِ هم آهنگ ڪرڻ به ترجيح آهي، پٺتي پيل ملڪن سان ڪيل واعدن تي عمل ڪيو وڃي.