ميرو خان (ويب ڊيسڪ) ميرو خان ويجهو پراڻي تڪرار تان ڀاڻيجن هٿان مامو ۽ ٻه ماروٽ قتل، ڳوٺ قائم خان چانڊيو ويھڙ ۾ ھٿياربندن گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب علي ڏنو چانڊيو، سندس 2 پٽ ڪمال ۽ نادر چانڊيو موقعي تي مارجي ويا، پوليس موجب 2010ع ۾ مقتول علي ڏنو پنهنجي ڀيڻوئي ۽ ان جي ڀاءُ کي قتل ڪيو هو، پلاند ۾ واقعو پيش آيو آهي.