تازہ ترین

سنڌ ۾ ڪوهيڙي سبب حادثا، هڪ فوت، 12 ڄڻا زخمي

پٿورو (ويب ڊيسڪ) پٿوري ڀرسان مزدا جو روڊ تي بيٺل ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميرپورخاص -عمرڪوٽ روڊ تي نياز آباد اسٽاپ وٽ حادثي ۾ شنڪر ڪولهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف قاضي احمد ويجھو قومي شاھراهه تي حادثن ۾ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، ڪوهيڙي سبب آمري چوڪ وٽ هڪ ٻئي پويان 5 کان وڌيڪ گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، زخمين کي تعلقي اسپتال قاضي احمد ۾ ترت طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ نوابشاهه اسپتال نيو ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.