نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئين ديري ڀرسان ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ واري ڳالهه تان نينگري پاران آپگهات جي ڪوشش، ڳوٺ باغ علي گوپانگ ۾ 10 ورهين جي انيسا چنا زهريلي دوا پي ڇڏي، نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، نينگريءَ جي پيءُ جو چوڻ آهي ته مائٽ نياڻي جي شادي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا، ان ڪري انيسا زهريلي دوا پي ڇڏي.