لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 10 هين سيزن جي رانديگرن جا ڊرافٽ مڪمل ٿي ويا، 6 فرنچائيز بهترين ڪرڪيٽرن کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو. پي ايس ايل 10 جي رانديگرن جي ڊرافٽنگ جي تقريب لاهور جي حضوري باغ ۾ منعقد ٿي، جتي فرنچائيز مالڪن ۽ ٽيم مئنيجمينٽ ڊرافٽن وسيلي پنهنجي پنهنجي ٽيمن کي آخري شڪل ڏني. آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر، شان ايبٽ، نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن، ڊيرل مچل ۽ فن ايلن سميت دنيا جا وڏا وڏا ڪرڪيٽر ٽيمن ۾ شامل ڪيا ويا. جتي ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن کي ٽيمن ۾ جاءِ ملي اتي ڪرڪيٽ جي دنيا جا ڪجھه اهڙا وڏا نالا به آهن جيڪي پي ايس ايل 10 ۾ ڪنهن فرنچائيز مالڪن کين پنهنجي ٽيم جو حصو نه بڻايو. جن ۾ سرفراز احمد، ٽم سائوڌي، احسان الله، جيسن روئي، ايلڪس هيلز، مجيب الرحمان، ايشٽن ايگر، ڪرس لين، ڪوپر ڪانوولي، ڊينيل سيمز، جيسن بهرينڊروف، مارڪ اسٽڪيٽي، موئيسزهينريڪس، عثمان خواجه، وليم سڌرلينڊ، مستفيض الرحمان، شڪيب الحسن، جو ڪلارڪ، لوري ايونز، تيمال ملز، جمي نيشام، عمران طاهر، ريضا هينڊرڪس، تبريز شمسي، چرٿ اسالنڪا، ايون ليوس شامل آهن. سرفراز احمد پي ايس ايل 2016ع جي افتتاحي ايڊيشن کان پوءِ پهريون ڀيرو پليئرز ڊرافٽ جو حصو بڻيو هو پر هيل ڪنهن به ٽيم سندس چونڊ نه ڪئي پر ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي نيون ذميواريون ڏيندي کيس ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.