تازہ ترین

سڀ ڄاڻين ٿا ته 9 مئي پٺيان باني پي ٽي آءِ جو هٿ هو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ وڏا منصوبا جاري آهن، سڄي سنڌ ۾ روڊ ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ اندر هر شعبي ۾ حڪومت بهتر ڪم ڪري پئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جا ڪجهه منصوبو پڄاڻي جي ويجهو آهن، سکر ۾ ڪينال کي پڪو ڪيو پيو وڃي، حب ڪينال تي تيزي سان ڪم جاري آهي، سنڌ حڪومت لاءِ 2025ع خوشخبرين ۽ ترقين جو سال آهي، هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون آڻي رهيا آهيون، وڏو وزير ڪينالن بابت واضح پيغام ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نون ڪينالن جي حمايت نه ڪندي، سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. نوجوانن لاءِ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ وڃون پيا. شرجيل ميمڻ چيو ته سڀ ڄاڻين ٿا ته 9 مئي پٺيان باني پي ٽي آءِ هو، باني پي ٽي آءِ جي هر ڳالهه ڪوڙ تي ٻڌل آهي، باني پي ٽي آءِ خلاف ڪيس غلط نه آهن، باني پي ٽي آءِ جي گهر مان پيٽرول بم اڇلايا ويا، باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي پنهنجي مفادن لاءِ ڏوهه ڪيا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.