ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مُراد علي شاهه وڌيڪ 8 ترجمان ۽ 12 خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيا، جن ۾ نادر گبول، سک ديوداس، سميتا افضال، تحسين عابدي، بلند خان جوڻيجو ترجمان مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته هير سُوهو، اَقربا فاطمه ۽ مصطفيٰ عبدالله بلوچ کي به ترجمان مقرر ڪيو ويو. لياقت آسڪاڻي، تنزيلا قمبراڻي، افضل شاهه، رضا هارون، امير حمزه خاص مددگار مقرر. ويرجي ڪولهي، حسين اسلم، محمد علي راشد، محمد علي ڀٽو به خاص مددگار هوندا، جڏهن ته ڪلثوم چانڊيو ۽ امان الله محسود کي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.